56

جيڪڏهن قومپرست اڳواڻ عمران جيان ڳالهائي ها ته ڇا ٿئي ها؟:خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو)بچاءَ واري وزير خواجا آصف سوال اٿاريو آهي ته جيڪڏهن قومپرست اڳواڻ عمران خان وانگر ڳالهائي ها ته ڇا ٿئي ها؟ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن سوال تي ته ڇا سليمان شهباز کي وزيراعظم سان سرڪاري دوري تي وڃڻ بدران پاڪستان اچڻ گهرجي ۽ ٽرائل کي منهن ڏيڻ گهرجي؟ خواجا آصف چيو ته ٿيڻو آهي ۽ ٿيندو رهندو. هن چيو ته جيڪڏهن قومپرست اڳواڻ عمران خان جهڙيون ڳالهيون ڪري ها ته ڇا ٿئي ها؟ اڃا به عمران خان تي غداري جا ڪيس نه ٺهڻ گهرجن، عمران خان پاڻ کي تباهه ڪرڻ ڇڏي ڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں