68

ڪراچي ۾ سپر اسٽور کي لڳل باهه تي ضابطو نه آيو، 170 خاندان بي گهر

ڪراچي (رپورٽر) جيل چورنگي ڀرسان 15 ماڙ عمارت جي بيسمينٽ ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي.سپر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ رهندڙ 170 خاندان بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته عمارت کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ عمارت هاڻي رهڻ لائق ناهي رهي،فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ ڪولنگ جاري آهي، جڏهن ته 18 کان وڌيڪ فائر ٽينڊرز ڪم ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں