63

پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو، عوام جو سخت رد عمل، پمپن تي ڀڃ ڊاهه

ڪراچي (رپورٽر) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپين جي وڏي واڌ تي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ عوام پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ هفتي دوران 60 رپيا في ليٽر واڌ تي عوام سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو ۽ سبزي منڊي ڀرسان پمپ تي ماڻهن پاران پيٽرول نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ به پيٽرول پمپ تي ماڻهن ۽ عملي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ منافع خورن 12 وڳي کان اڳ پمپ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب شهرين کي آخري وقت تائين سستو پيٽرول نه ملي سگهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں