71

عالمي سطح تي قيمتون وڌڻ سبب پيٽرول مهانگو ڪيو: وزيراعظم

انقره (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي سطح تي مهانگائي وڌڻ سبب ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.ترڪي جي هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو عالمي مهانگائي جو سبب آهي، غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن کي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون يعني 15 مهينن بعد. ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني طور حڪومت تبديل ٿي چڪي آهي، عام چونڊون آگسٽ يا سيپٽمبر 2023 ۾ ٿينديون.هن چيو ته حڪومت مشڪل حالتن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسئلن جي حل لاءِ وسيلا پيدا ڪيا ويندا ۽ ان لاءِ دوست ملڪن کان مدد ورتي ويندي، ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ تعمير نو ڪئي ويندي.وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مختصر مدي وارا قدم کڻنداسين ۽ جيڪڏهن اقتدار ۾ واپس آياسين ته ترقي، خوشحالي ۽ امن جي ايجنڊا تي پوري قوت سان ڪم ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں