72

مني لانڊرنگ ڪيس، وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه عدالت ۾ پيش

لاهور (رپورٽر) مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا. لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ٻئي شخصيتون عدالت ۾ پيش ٿيون. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ عام شهرين کي عدالت جي احاطي مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو.پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جو وڪيل امجد پرويز عبوري ضمانت جي تصديق لاءِ دليل ڏئي رهيو آهي. امجد پرويز پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڏيڍ سال کان جاچ ڪئي وئي، ايف آءِ اي ڪي به ثبوت رڪارڊ تي نه آڻي سگهيا، گذريل دور ۾ بدترين پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ به پوليٽيڪل انجنيئرنگ کي حقيقت قرار ڏئي چڪي آهي، ايف آءِ اي ٻنهي کان پڇا ڳاڇا ڪئي، ماضي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي دٻائڻ لاءِ حڪومتي مشينري استعمال ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف آءِ اي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي گرفتاري چاهي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري ضروري آهي، ٻئي جوابدار جاچ ۾ شامل ناهن. ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز عدالت جي اجازت سان روانو ٿي ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں