74

مهانگائيءَ جي ماريل عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو، پيٽرول ۽ بجلي کانپوءِ گئس به مهانگي

اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. بيان موجب اوگرا سوئي ناردرن لاءِ 45 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن لاءِ 44 سيڪڙو گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي. اوگرا قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اعلان موجب سوئي نادرا لاءِ گيس جي قيمت 266 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ گيس جي قيمت 5 رپيا 50 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سوئي سدرن لاءِ گيس جي قيمت 6 رپيا 50 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں