84

موجوده مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪيئن ڪجي؟ مولانا فضل الرحمان اهم تجويزون ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد (م ڊ) موجوده مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اهم تجويزون ڏئي ڇڏيون، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن، صوبائي وزيرن، مشيرن، مددگارن، آفيسرن، گريڊ 19 کان مٿي وارن بيوروڪريٽس سميت مراعتون وٺندڙن جي مراعتن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو ته ججز، جرنيلن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي قائمه ڪميٽين سميت هر طبقي کي قرباني ڏيڻي پوندي، موجوده صورتحال گذريل نااهل، نالائق ۽ ناجائز حڪومت جي غلط فيصلن جو نتيجو آهي، هن چيو ته عوام ۽ حڪومت کي گڏجي مهانگائيءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو، عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌو ويو آهي، هاڻي حڪومت کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں