58

ملڪ کي نئين ڊائلاگ جي ضرورت آهي، وزيراعظم سياسي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري: شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وزيراعظم شهباز شريف کي سياسي ڳالهين شروع ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ ملڪ کي هڪ نئين ڊائلاگ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ته ملڪ جا معاملا ڪيئن هلندا، اهو ڪيئن هلندو. هن چيو ته گاريون ڏيڻ ۽ ماڻهن کي جارحيت واري شيءِ ڏيڻ سان نظام هلندو؟ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هي سياسي نظام آهي دشمني ناهي، ڪوشش ڪرڻي آهي، اهو سياسي نظام تائين محدود ناهي، اڄ جي معاشي صورتحال اسان کي ان طرف وڃڻ تي مجبور ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں