51

وفاقي ڪابينا چين کان قرض حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪبينا چين کان 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر قرض حاصل ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا قرض حاصل ڪرڻ لاءِ سمري جي سرڪوليشن ذريعي منظور ڏني، جنهن موجب چين سان ملندڙ قرض ٽن سالن لاءِ هوندو.سمري موجب 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالرن جو قرض هڪ سيڪڙو مارجن تي ملندو، قرض 2019ع جي معاهدي تحت ملندو.وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سمري جي منطور ڏئي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں