61

صدر نيب ۽ چونڊ ترميمي بل منظوري بنا واپس موڪلي ڇڏيا، نظرثاني جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ چونڊ ترميمي بل بنا منظوري جي واپس موڪلي ڇڏيا.صدر بلن جي منظوري کان انڪار ڪندي هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت نيب ۽ چونڊ ترميمي بلن تي نظرثاني ڪري.ٻئي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر جي منظوري ضروري آهي پر صدر جي فيصلي کانپوءِ حڪومت ٻئي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندي.وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 75 تحت بل پيش ڪندي.واضح رهي ته پارليامينٽ اليڪشن ترميمي بل 2022 تحت اي وي ايم ۽ اوورسيز ووٽنگ کي ختم ڪيو هو، جڏهن ته نيب ترميمي بل ذريعي نيب اختيار گهٽ ڪيا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں