51

پيٽرول جي بچت ڪئين ڪجي، حڪومت جو لاڪ ڊائون لڳائڻ تي غور

اسلام آباد(بيورو)هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پيٽروليم شين جا درآمدي بل 17 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن.غير معمولي صورتحال حڪومت کان فوري ۽ غير معمولي قدمن جي تقاضا ڪري ٿي ته ڪيئن پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي بچائي سگهجي ۽ ملڪ ۽ قوم کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهجي. سرڪاري ذريعن موجب ڪيترن ئي تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ ڪورونا جي ڏينهن ۾ لڳل لاڪ ڊائون ۽ ڇنڇر تي سرڪاري آفيسن ۾ موڪل، ٽن ڏينهن ڪم گهر کان ۽ آچر تي شهرن ۾ گاڏين جي داخل ٿيڻ تي پابندي شامل آهن انهن تجويزن تي عمل ڪندي هر روز 20 سيڪڙو توانائي بچائي سگهي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں