73

ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ بهاول نگر مان بازياب

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ پنجاب جي علائقي بهاول نگر مان بازياب، پوليس دعا زهريٰ جي مڙس کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهور کي بئنڪ ملازم جي گهر مان بازياب ڪرايو، جوڙي کي ڪراچي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي اَي وِي سي سي زبير نذير شيخ چيو آهي ته دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس کي قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ بعد ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ کي 10 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ پوليس وفاقي گهرو کاتي کي خط لکي بازيابي لاءِ مدد گهري هئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں