55

اليڪشن ڌانڌلي شروع ٿي وئي، قوم 19 جون کان اڳ پنهنجو ووٽ چيڪ ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته قوم 19 جون کان اڳ پنهنجو ووٽ چيڪ ڪري وٺي، اليڪشن ڌانڌلي شروع ٿي چڪي آهي، ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ گهرو وزير فرد جرم ۽ گرفتاري جي ڊپ ۾ هجن ۽ پنهنجي ڪيسن کي ختم ڪرائڻ لاءِ نيب ترميمون ٿين ته مطلب اليڪشن ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي، شيخ رشيد چيو ته حڪومت جي 50 ڏينهن جي ڪارڪردگي اها آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪ، پيٽرول ۾ 60 رپيا، گئس 45 سيڪڙو، بجلي ۾ 9 رپيا ۽ گهي ۾ 250 رپيا اضافو ٿيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں