69

بجليءَ جو شارٽ فال 6 هزار 576 ميگاواٽ تائين پهچي ويو، بدترين لوڊشيڊنگ جاري

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 576 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته هن وقت بجلي جي ڪل پيداوار 19 هزار 924 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته بجلي جي ڪل طلب 26 هزار 500 ميگاواٽ آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، پاور ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته پاڻي مان 5219 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، سرڪاري ٿرمل پلانٽس 1284 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، خانگي شعبي جي پاور پلانٽس جي ڪل پيداوار 9764 ميگاواٽ آهي، ونڊ پاور پلانٽس 1190 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽس مان پيداوار ٻڙي آهي. بيگاس تي هلندڙ پلانٽ 189 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، ايٽمي فيول 2278 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں