59

لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ممڪن ناهي، پر گهٽتائي ضرور ٿيندي: خرم دستگير

لاهور (رپورٽر) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ممڪن ناهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ واضح گهٽتائي ٿيندي، سولر انرجي ايسوسيئيشن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي درآمدي پيٽرول، ڪوئلي ۽ ڊيزل مان بجلي ٺاهڻ ممڪن ناهي، اسان کي سستي بجلي هائيڊل، سولر ۽ ونڊ تي وڃڻو پوندو، وفاقي بجيٽ ۾ سولر تي سيلز ٽيڪس ختم ڪئي ويندي، اسان کي مستقبل ۾ سستي بجلي تي ڀاڙڻو پوندو، بجلي، گئس ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو سبب اڳوڻي حڪومت جو 56 سئو ارب رپين جو ملڪ کي قرضي ڪرڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں