68

ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊائلاگ ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

لاھور (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊائلاگ ڪرڻو پوندو، ملڪ کي گرينڊ ڊائلاگ جي شديد ضرورت آهي، لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته بنگالي اسان تي بار نه هئا، پر اُنهن کي بار طور پيش ڪري چيو ويو ته انهن مان جان ڇڏايو، هاڻي بنگلاديش جي ايڪسپورٽ 40 ارب ۽ اسان جي 27 ارب ڊالرز آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڳتي وڌڻو آهي ته ضد ۽ انا ڇڏڻي پوندي، قومون صفبندي ۽ ڊائلاگ سان ٺهنديون آهن، سياست کان مٿانهون ٿي گڏجي ڪم ڪيو ته ملڪ ڪجهه سالن ۾ راڪيٽ جيان هلندو، ھن چيو ته خبر آهي ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو آهي، ساڍا ٽن سالن جو به حساب ورتو ويندو يا رڳو مون کان ٻن مهينن جو حساب ورتو ويندو، دل تي پٿر رکي پيٽرول جا اگهه وڌايا آهن، قرض تي هلندڙ ملڪ ڪيستائين جيئرو رهندو؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں