58

ملڪ رياض جي هڪ ٻي مبينا آڊيو ليڪ

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان عطا تارڙ پاڪستان جي پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ سندس ڌيءَ جي مبينا آڊيو منظر تي آڻي ڇڏي.لاهور ۾ ن ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ مبينا آڊيو پيش ڪئي.مبينا آڊيو ۾ ملڪ رياض جي ڌيءَ پنهنجي پيءَ کي ٻڌائي رهي آهي ته فرح جي فون آئي هئي، خاتون اول هيري جي 3 ڪيرٽ جي منڊي قبول ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.امبر، فرح جو نالو وٺڻ بنا چئي ٿي ته ڇنڇر تي ان سان ملاقات آهي، منڊي ان کان اڳ ارينج ڪري وٺو، ان تي ملڪ رياض پنهنجي ڌيءَ کي چئي ٿو ته توهان منڊي گهرائي وٺو.پريس ڪانفرنس ۾ عطا تارڙ چيو ته فرح گوگي پنجاب ۾ ويهي سڄي پاڪستان تي حڪومت ڪئي، ان عورت ڪرپشن جي نالي تي ورتل ڪروڙين رپين جا هيرا دبئي ۾ کپايا.هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ فرح گوگي اربين رپين جا اثاثا ٺاهيا، پئسا وٺي آفيسرن جون مقرريون ڪيون، جڏهن انهن سڀني اسڪينڊلز جي جاچ ٿيندي ته اهو ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو مني لانڊرنگ اسڪينڊل هوندو.عظميٰ بخاري چيو ته اهو سڄي فلم جو هڪ ٽريلر آهي، سڄي پڪچر اڃا باقي آهي، عمران خان 2 عورتن کي فرنٽ وومين طور رکيو هو، اهي ٻئي عورتون عمران خان جي پويان آهن.هن چيو ته پنڪي، گوگي ۽ ڪپتان، اهو آهي نئون پاڪستان، هاڻ انهن جا ثبوت واري واري سان سامهون اچي رهيا آهن، عمران خان جو گهر هلائڻ ۽ ان جي غربت مٽائڻ ۾ ٻن اهم عورتن جو ڪردار رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته فرح کانپوءِ هاڻ پنڪي جا مطالبا به توهان جي سامهون اچي ويا آهن، اڃا ته هيري جي اسٽوري ملي آهي، گهڻو ڪجهه باقي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں