59

وزيراعظم اخباري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اخباري صنعت کي ڏکيائين ۽ بحران مان ڪڍڻ لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد ملاقات ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم اخباري صنعت کي ڏکيائين ۽ بحران مان ڪڍڻ لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندي 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جون اشتهاري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.وزيراعظم چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نٿا رکون، سياسي انتقام سان ملڪ کي وڏو نقصان پهتو آهي.هن وفد کي خاطري ڪرائي ته مهانگائي کي ڏسندي اشتهاري اگهه ۾ مناسب واڌ ڪنداسين، بجيٽ ۾ اخباري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳندي، اخباري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ واڌو رليف به فراهم ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں