73

پاڻ سڳورن صه جي شان ۾ گستاخي، وزيراعظم پاران مذمت، ڀارت خلاف ايڪشن جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف بي جي پي اڳواڻ طرفان پاڻ سڳورن صه جن جي شان ۾ گستاخي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته مودي جي حڪومتي دور ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادي پامال ٿي رهي آهي، جنهن تي دنيا کي فوري طور ايڪشن وٺڻ گهرجي.وزيراعظم شهباز شريف بي جي پي جي مرڪزي ترجمان نوپور شرما طرفان گستاخاڻي گفتگو تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان سڀني مسلمانن جون دليون زخمي ٿيون آهن.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته مودي جي اقتدار ۾ مذهبي آزادي کي چٿيو پيو وڃي ۽ مسلمانن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، دنيا اهڙن قدمن تي ڀارت خلاف نوٽيس وٺي.سندس چوڻ هو ته پاڻ سڳورن صه جن لاءِ اسان جي محبت هر شئي کان مٿانهين آهي ۽ پاڻ سڳورن صه جن جي محبت ۾ هر مسلمان پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں