67

نئين بجيٽ ۾ پورهيت طبقي تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته پورهيت طبقي تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو. مفتاح اسماعيل چيو ته نئين بجيٽ ۾ نوڪرين تي نه پر اشرافيه تي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي، عمران حڪومت 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو آهي، عمران خان ڄاڻي واڻي اسان لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدو به عمران حڪومت ڪيو هو، جنهن تحت ايندڙ سال 21 ارب ڊالرن جا قرض واپس ڪرڻا آهن. لوڊشيڊنگ جي مدي ۾ واڌ بابت ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ته حڪومت وٽ نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن، پاور پلانٽس بند آهن ۽ گنجائش نه آهي ان ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. شيڊنگ ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي ۾ به پنهنجون پگهارون ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں