84

ڪئناڊا ۾ اسلام فوبيا جي ڪا به گنجائش ناهي: جسٽن ٽروڊو

اونٽاريو (م ڊ) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ اسلام فوبيا جي ڪا به گنجائش ناهي.ڪينيڊا جي وزيراعظم گذريل سال اونٽاريو ۾ هڪ حملي ۾ مارجي ويل هڪ ئي خاندان جي چئن مسلمانن جي يادگار تقريب کي خطاب ڪيو ۽ مارجي ويلن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته اسلامو فوبيا جي ڪئناڊا ۾ ڪا به جاءِ ناهي، اهو ناقابل قبول آهي، مذهبي نفرت جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گذريل سال اونٽاريو ۾ مذهبي نفرت سبب 4 پاڪستانين جو موت هڪ ناقابل فراموش سانحو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں