64

پيٽروليم شين ۾ اضافي خلاف درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري

لاهور (م ڊ) هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي خلاف درخواست تي عدالت حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي وفاقي حڪومت، پيٽروليم وزارت، گهرو وزارت ۽ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي 2 هفتن ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد ڪريم درخواست گذار کي وزيراعظم جو نالو ڌر طور واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي، جڊيشل ايڪٽو ازم پينل جي درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل اظهر صديق ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو ڪو ميڪنزم موجود ئي ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں