88

تاثر آهي ته ادارا نيوٽر ناهن، ڪرپٽ حڪومت سان گڏ آهن: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تاثر آهي ته پاڻ کي نيوٽرل چوڻ وارا ادارا ڪرپٽ حڪومت سان گڏ آهن، هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سياسي جدوجهد ۾ هار نه مڃڻ اهم هوندو آهي، مان پنهنجي ذات لاءِ نه پيو وڙهان پر پاڪستان کي بچائڻ لاءِ جهاد ڪري رهيو آهيان، پاڪستان کي ٻيهر ڪرپٽ عناصرن حوالي ڪيو ويو آهي، عوام سخت ڪاوڙ ۾ آهي، هن چيو ته ادارا پاڻ کي نيوٽرل چئي رهيا آهن پر تاثر اهو آهي ته اهي ڪرپٽ حڪومت سان گڏ آهن، پرڏيهي سازش سان اقتدار ۾ ايندڙ پارٽيون تباهه ٿينديون پر ان جو اثر ادارن تي به پوندو.عمران خان چيو ته منهنجو خيال آهي ته اها صورتحال وڌيڪ دير تائين نه ٿي هلي سگهي، موجوده حڪومت جو ايندڙ حڪومت ۾ ڌانڌلي وارو منصوبو آهي، هي سسٽم کي ڌانڌلي زده ڪرڻ چاهن ٿا، ته جيئن اليڪشن کٽي سگهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں