57

هلندڙ سال اليڪشن ٿيندي ڏسي رهيو آهيان: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چونڊون هن سال ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊن جي تاريخ ملڻ بنا عمران خان ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪندو. اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مونکي هلندڙ سال چونڊون ٿيندي نظر اچن ٿيون، حڪومت ووٽرز لسٽن ۽ تڪبندين ۾ مرضيءَ جون تبديليون ڪري رهي آهي، عمران خان بجيٽ کانپوءِ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.ٻئي طرف هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ مختلف ڪيسز ۾ شيخ رشيد جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، کيس هڪ لک رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں