63

ملڪ ۾ پاڻي بحران جو 22 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، پاڻي ذخيرن ۾ 97 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ پاڻي بحران سنگين ٿيڻ کانپوءِ پاڻيءَ جي قلت جو 22 سالن جو رڪارڊ ٽوٽي ويو آهي، جڏهن ته صوبن کي 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڻي ذخيرن ۾ 97 سيڪڙو گهٽتائي ٿي وئي آهي، ارسا طرفان جاري ڪيل دستاويزن موجب ملڪ ۾ پاڻي بحران جو 22 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، درياهن ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ به 56 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ارسا طرفان پاڻي صورتحال بابت جاري ڪيل تفصيلن موجب تربيلا ڊيم گذريل ڏيڍ مهيني کان خالي آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم پاڻي جو ذخيرو نه هجڻ برابر آهي، ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو هڪ لک ايڪڙ فٽ آهي، جڏهن ته گذريل سال ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 35 لک ايڪڙ فٽ هو. درياهن ۾ پاڻيءَ جو مجموعي وهڪرو هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ آهي، جيڪو گذريل سال 2 لک 84 هزار ڪيوسڪ هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں