69

پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ امڪان روشن

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جا سمورا مقصد پورا ڪري ورتا آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان واضح ٿي ويا آهن.هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي اجلاس لاءِ لاڳاپيل معاملن جي نگراني پرڏيهي وزارت حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پرڏيهي وزارت ان حوالي سان محتاط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف جو چار ڏينهن وارو اجلاس 13 کان 17 جون تائين برلن ۾ ٿيندو، جنهن ۾ 15 ۽ 16 جون تي ٿيندڙ پلينري سيشن ۾ پاڪستان بابت معاملن تي غور ڪيو ويندو، حنا رباني کر به وفد سان گڏ برلن پهچندي. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں