55

حضرت محمد مصطفيٰ صه جي شان ۾ گستاخي جي مذمت ڪريان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي حڪمران پارٽي جي ترجمان طرفان نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته مان بي جي پي اڳواڻ طرفان پياري نبي ڪريم صه بابت نفرت جوڳي بيان جي مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته ڀارتي حڪمران پارٽي جي اهم عهديدار جي ان اسلام مخالف بيان سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن ۽ بي جي پي اڳواڻ جو اهو بيان ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته گڏيل قومون هندستان ۾ اسلامو فوبيا کان متاثر هندوتوا کي روڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں