اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته موديءَ جو ڀارت مسلمانن لاءِ خطرناڪ خطو بڻجي چڪو آهي، ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مودي جو ڀارت مسلمانن لاءِ خطرناڪ خطرو بڻجي ويو آهي، هن چيو ته انتهاپسند مذهب کي سرعام تباهي جي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، گستاخ ۽ انتشار پکيڙيندڙ بيان انهن جي ايجنڊا جو حصو آهن، هن چيو ته هر سمجهدار انسان کي نفرت جي سياست جي مذمت ڪرڻ گهرجي.
80