64

حڪومت جلسا ۽ جلوس ڪرڻ وارو آئيني حق نٿي کسي سگهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته عمران خان کي سيڪيورٽي خدشن بابت حڪومت کي خط لکيو هو، شهباز گِل جي نالي سان لکيل خط جو هيل تائين ڪوبه جواب ناهي آيو، صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽس بابت وڌيڪ شاهديون مليون آهن حڪومت جلسا ۽ جلوس ڪرڻ وارو آئيني حق نٿي کسي سگهي، پي ٽي آءِ موجوده حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندي، پي ٽي آءِ ايم اين ايز استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن، هاڻي ڪوبه پارليامينٽ ۾ نه ويندو، حڪمران هاڻي اسستعيفا جي راند کيڏي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں