62

نيب چيئرمين جي مقرريءَ بابت داخل درخواست رد

اسلام آباد (رپورٽر) نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان سان مشاورت جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله شهري محمد فهد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نيب چيئرمين جي مقرري بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ٿيو، چيئرمين نيب جي مقرري اپوزيشن جي مشاورت سان ناهي ڪئي وئي آهي.درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪري چيف جسٽس کان مشورو گهريو هو، 20 سال گذرڻ باوجود نيب آرڊيننس ۾ چيئرمين نيب جي مقرري جي شق ۾ ترميم ناهي ٿي سگهي، نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي وڃي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي مشاورت کانسواءِ نئين چيئرمين نيب جي مقرري کي روڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته نيب چيئرمين جي مقرري پارليامينٽ جو اختيار آهي، هي عدالت پارليامينٽ کي هدايتون نٿي ڏئي سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته فيصلو رڳو سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن آهي. عدالت نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان سان مشاورت جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں