70

رٽائرڊ آفيسر اليڪشن چاهن ٿا ته اها ضرور ٿيندي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته رٽائرڊ آفيسرز چونڊون چاهين ٿا ته ضرور ٿينديون، آڪٽوبر 2023ع ۾ نيون چونڊون ڪرايون وينديون، اهي رٽائرڊ آفيسرز چار سال ڪيڏانهن ويا هئا؟ھن چيو تھ هاڻي سڀني کي چونڊون ياد اچي ويون آهن، جڏهن ملڪي معيشت تباهه ٿي رهي هئي، تڏهن چونڊن جا مطالبا ڇو نه ڪيا ويا؟ نيب ملڪ جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي، نيب ذريعي سياسي ڀڃ ڊاهه جي ڪوشش ڪئي وئي، شاھد خاقان عباسي چيو تھ نيب چيئرمين ڪوشش ڪري رهيو هو ته ٻيهر عهدي تي اچي سگهي، 8 مهينا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ نيب چيئرمين هليو ويو، ملڪ ۾ رڳو 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں