61

لاکڙا ڪول مائينر ۾ ڀت ڪرڻ سبب پورهيت دٻجي فوت

مانجھند (رپورٽر) لاکڙا ڪول مائينز ۾ ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ اڇڙو ٿر واسي پورهيت دٻجي فوت، پورهيت عبدالڪريم راڄڙ ڀِت ڊاهڻ جو ڪم ڪري رهيو هو ته مٿس ڀِت ڪِري پئي، ڪول انتظاميا پورهيت جو لاش ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، پورهيتن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، پورهيتن جو چوڻ آهي ته ڳريون مشينريز هجڻ باوجود پورهيتن کان ڀِت ڊاهڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي، پورهيت جي دٻجي فوت ٿيڻ جي ذميوار ڪول مائينز انتظاميا قرار ڏني وئي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں