64

پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز مهانگائي کي وڏو چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (رپورٽر) پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز مهانگائي کي وڏو چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز لاهور جي گارڊن ٽائون ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حاجي محمد حنيف جي گهر پهتو ۽ محمد حنيف سان سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، حمزا شهباز مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته مهانگائي وڏو چئلينج آهي، دڪانن ۽ مارڪيٽن ۾ ريٽ لسٽون پوسٽ ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته هو روزانو 36 ضلعن جي انتظاميا سان ملن ٿا ۽ اٽي تي 200 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں