59

پاڪستاني رپئي جي وري بي قدري شروع، ڊالر 2 رپيا 14 پئسا مهانگو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو اضافو ٿيڻ بعد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي جي واپسي ٿي آهي، جنهن سبب سيڙپڪارن کي اربين رپين جو فائدو ٿيو آهي، انگن اکرن موجب آمريڪي ڪرنسي هڪ ڀيرو ٻيهر رپئي جي ڀيٽ ۾ 2 رپيا 14 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 202 رپيا 20 پئسا ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 203 رپيا 50 پئسا ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں