54

بورس جانسن ۽ عمران خان ۾ ڪو فرق ڪونهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۾ ڪو به فرق ناهي. مرتضيٰ وهاب اعظم فٽبال گرائونڊ جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته بورس جانسن خلاف بي اعتمادي جو ووٽ ڏنو ويو ۽ هو ڪامياب ٿيو، اڳوڻي وزيراعظم ساڍي ٽن سالن ۾ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.هن چيو ته ٽن ايڪڙن تي پکڙيل فٽبال فيلڊ هڪ خواب هو، ماضي ۾ هي گرائونڊ گندگي جو ڍير هو، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪيو وڃي.هن اهو پڻ چيو ته اميد آهي ته ٻارڙا گرائونڊ جي صفائي جو خيال رکندا، محمود آباد جي روڊن تي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ گهٽين جو ڪم ڊي ايم سي پاران ڪرايو پيو وڃي، نورجهان ۽ جوهر چورنگي تي انڊر پاس ۽ فلائي اوور به ٺهرائڻا آهن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ماضي ۾ سنڌ صوبي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي حوالي سان وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي، اميد آهي ته ڪراچي اسڪيم کي ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں