70

جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو معاشي استحڪام نه ايندو: وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو معاشي استحڪام نه ايندو.پري بجيٽ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام پاڻ ۾ جڙيل آهن، جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو معاشي استحڪام نه ايندو. وزيراعظم معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهڻ ۽ ميثاق جمهوريت تي فيصلا ڪرڻ جي دعوت ڏني.هن چيو ته پاليسي جي تسلسل لاءِ ميثاق معيشت وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ان ميثاق معيشت تحت اهڙا هدف طئي ڪيا ويندا، جن کي تبديل نه ڪري سگھجي.سندس چوڻ هو ته هر قدم تي حڪومت کي واپارين جي راين ۽ تجويزن جي ضرورت آهي، اڄ جي ميٽنگ جي روشني ۾ هڪ ٽاسڪ فورس بڻائينداسين.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڄ ملڪ ۾ تيل ۽ گيس لاءِ پئسا ناهن، رياست کي صوبن سان گڏجي هڪ گڏيل منصوبو جوڙڻو پوندو.هن چيو 3 ملين ڪڻڪ اسان کي امپورٽ ڪرڻي پئجي رهي آهي، زرعي شعبو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگھي ٿو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان زرعي پيداوار وڌائي سگھجي ٿي.سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ڀارت اسان جي معاشي طريقن جي پيروي ڪئي، 90 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستاني ڪرنسي ڀارتي رپئي کان بهتر هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں