70

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر حليم عادل شيخ جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته هي عدالت پهريان ئي هڪ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت ڏئي چڪي آهي، حليم عادل شيخ کي ٽن هفتن جي حفاظتي ضمانت ڏني هئي، ان دوران کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، چيف جسٽس چيو ته عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ نه ٿي وڃي سگهي، درخواست گذار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي. حليم عادل شيخ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت حليم عادل شيخ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري سنڌ اسيمبلي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ چاهي ٿي. عدالت درخواست گذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں