58

صدر کي وزيراعظم جي سفارش تي گورنر جي مقرري ڪرڻي هوندي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله بلتستان جي گورنر جي مقرري نه ٿيڻ بابت درخواست تي فيصلو  ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر کي وزيراعظم جي سفارش تي گورنر جي مقرري ڪرڻي هوندي آهي، عدالت چيو ته اميد آهي ته صدر وزيراعظم جي سفارش تي آرڊر 2018ع تحت گورنر مقرر ڪندو، اسپيڪر جي قائم مقام گورنر مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي درخواست غلط فهمي تي ٻڌل آهي، گورنر جو عهدو 19 اپريل 2022ع کان خالي آهي، چيف جسٽس ٽن صفحن تي ٻڌل محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں