70

وزيراعظم جي حڪم تي ڪي پي ڪي ۾ 40 رپيا في ڪلو اٽي جي فراهمي شروع

پشاور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي ڪي پي ڪي ۾ 40 رپيا في ڪلو اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، صوبي جي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ 100 موبائل اسٽورن باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪي پي ڪي کي ايبٽ آباد ۽ پشاور زونز ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، ايبٽ آباد ۽ پشاور زونز ۾ 50 هزار کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها وڪرو ڪيا ويا، جن مان 22 هزار 70 ٿيلها ايبٽ آباد ۽ پشاور ۾ 23 هزار 400 کان وڌيڪ سستي اٽي جا ٿيلها وڪرو ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ ٻنهي زونز ۾ الڳ الڳ موبائل اسٽورز ذريعي سستو اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں