67

سبسڊي ڏيڻ قومي خزاني تي بار وجهڻ برابر آهي: عشرت حسين

ڪراچي (رپورٽر)ا سٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين سبسڊي کي قومي خزاني تي بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.لمز يونيورسٽي ۾ اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر عشرت حسين جي ڪتاب جي پڌرائي ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر عشرت حسين جو چوڻ هو ته توانائي جي شعبي ۾ تڪڙي قدمن جي ضرورت آهي، ايل پي جي فراهم ڪندڙن کي قدرتي گئس ڏيڻ مناسب ناهي، اهڙي سبسڊي قومي خزاني تي بار ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته معاشي ۽ مالياتي شعبي ۾ وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ توانائي جي شعبي ۾ فوري سڌارن جي ضرورت آهي جڏهن ته سبسڊيز قومي خزاني تي بار آهي.اڳوڻي گورنر جو چوڻ هو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان قرض وٺڻ ۽ نوان نوٽ ڇپائڻ مناسب ناهي، سموريون سياسي پارٽيون نجڪاري سميت ٻين معاملن تي پنهنجي منشور کي نظر ۾ رکنديون آهن، ڪجهه مخالف ڌر ۾ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں