57

وزيراعظم ڪي پي ڪي جي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم ڪي پي ڪي جي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪي پي ڪي جي عوام کي سستي اٽي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته في الحال 100 موبائل اسٽورز ڪم ڪري رهيا آهن، جلد انگن جو تعداد وڌائي 500 تائين پهچايو ويندو، هن چيو ته ڪي پي ڪي جي بهادر عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ ۽ 8 سالن کان صوبي ۾ رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں