67

پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري خلاف اپيلن تي معاونت طلب

لاهور (رپورٽر) لاهور هاءِ ڪورٽ ان معاملي تي ڌرين کان معاونت طلب ڪري ورتي آهي ته ڇا عدالت منحرف ميمبرن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪندي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري خلاف اپيلن جي ٻڌڻي جاري رکي سگهي ٿي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني فل بينچ پي ٽي آءِ جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ منحرف ميمبرن جي ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي صورت ۾ حلف خلاف اپيلن جي قانوني حيثيت ڇا هوندي.جسٽس صداقت علي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اليڪشن جو معاملو حل ٿي ويو ته حلف نامي وارو معاملو هر صورت ۾ غير موثر ٿي ويندو.ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شهزاد شوڪت چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ووٽ ڳڻيا ويا يا نه، اهو الڳ آئيني معاملو آهي، ڊي سيٽ ٿيڻ کانپوءِ منحرف ميمبرن به سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي.حمزه شهباز جي وڪيل نشاندهي ڪئي ته سنگل بينچ وٽ اهو معاملو آهي ته چونڊن کانپوءِ ايندڙ فيصلو ماضي کان لاڳو ٿيندو يا نه.پي ٽي آءِ جي وڪيل نشاندهي ڪئي ته فل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي، فل بينچ هدايت ڪئي ته ٻنهي ڌرين کي پهريان ان نقطي تي سهڪار ڪيو وڃي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ان فيصلي مان ڪيئن نڪري سگهي ٿي.وڌيڪ اپيلن جي ٻڌڻي 13 جون تي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں