83

ايراني سفير جي احسن اقبال سان ملاقات، بجلي پيداوار سميت اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (رپورٽر) ايراني سفير پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.ايراني نيوز ايجنسي موجب منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ايراني سفير سيد محمد علي حسيني وچ ۾ ملاقات ۾ سي پيڪ، علائقائي ترقي ۽ اقتصادي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.خابرو اداري موجب اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ سامونڊي معاملن ۽ توانائي واري وزارت جا عملدار به موجود هئا. رپورٽ موجب رٿابندي واري وزير جي درخواست تي ايراني سفير بلوچستان لاءِ بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں