67

پوليس پيار جو پرڻو ڪندڙ دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ماءُ پاران ملڻ جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر) پوليس پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهرا کي سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي، دعا زهرا سان امڙ پاران ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس کيس روڪي ڇڏيو،دعا زهر جي امڙ روئيندي رهي، پوليس جي صحافين سان به بدتميزي، پوليس دعا زهرا جي مڙس ظهر کي به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي، گذريل ٻڌڻي تي دعا زھرا عدالت ۾ بيان ڏنو ھو تھ کيس ڪنھن اغوا ناھي ڪيو، ھن مرضي سان ظھير سان شادي ڪئي آھي، مڙس ڏانھن وڃڻ چاھي ٿي، گذريل ٻڌڻي تي بھ والدين کي دعا زھرا سان ملڻ نھ ڏنو ويو ھو ۽ عدالت عمر جاچڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ جو  حڪم پڻ ڏنو ھو، دعا زھرا جي والدين جو چوڻ آھي تھ اسان جي نياڻي جي عمر گھٽ آھي، اسان کي نياڻي سان ملاقات ڪرائي وڃي، ھوءَ دٻاءُ جو شڪار آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں