64

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ وارو فيصلو معطل

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، سي سي پي او ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، لاهور جي سيشن ڪورٽ لانگ مارچ دوران وڪيلن تي تشدد واري معاملي تي راڻا ثناءُ الله ۽ پوليس آفيسرن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪانسٽيبل محمد اسلم سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، درخواست گذار عدالت کي اپيل ڪئي هئي ته لاهور سيشن ڪورٽ حقيقن جي ابتڙ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان لاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں