65

مسجد نبوي صه ۾ نعريبازي ڪرڻ تي پاڪستاني شهريءَ کي 3 سال قيد جي سزا

رياض (م ڊ) سعودي عرب مسجد نبوي صه ۾ نعريبازي ڪرڻ تي پاڪستاني شهريءَ کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، برطانوي ميڊيا موجب سعودي عرب جي عدالت مدينه منوره ۾ مسجد نبوي صه ۾ نعريبازي ڪرڻ تي هڪ پاڪستاني شهري کي 3 سال قيد ۽ 10 هزار ريال ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سعودي عدالت مان سزا ماڻيندڙ محمد طاهر تي الزام هو ته هن مسجد نبوي صه ۾ پاڪستاني وفد سان بدتميزي ڪئي ۽ نعرا لڳايا ۽ افرا تفري جي وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ ڪئي، جيڪا وائرل ٿي، محمد طاهر 30 ڏينهن اندر فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں