67

چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي ۾ اختلاف، ق ليگ اسيمبلين ۾ ورهائجي وئي

لاهور (م ڊ) چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي اختلافن جي ڪري پاڪستان مسلم ليگ ق ايوانن ۾ به تقسيم ٿي وئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ق جي ڪيترن ئي ميمبرن جي حمايت چوڌري شجاعت کي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ چوڌري پرويز الاهي کي حاصل آهي، نجي ٽي وي موجب چوڌري وجهات حسين جي پٽ حسين الاهي به خانداني پارٽي کي الوداع چئي مستقبل جي سياست جو فيصلو مونسيٰ الاهي جي صوابديد تي ڇڏي ڏنو آهي، چوري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي وچ ۾ سياسي فاصلا سامهون اچڻ بعد انهن جا هم خيال به ورهائجي ويا آهن، قومي اسيمبلي ۾ ق ليگ جا 5 ميمبر موجود آهن، انهن ۾ چوڌري سالڪ، طارق بشير چيمه ۽ بيگم فرخ خان چوڌري شجاعت حسين سان گڏ آهن، جڏهن ته مونس ۽ چوڌري حسين الاهي چوڌري پرويز الاهي سان آهن. پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي جو پلڙو ڳرو آهي، ڇو ته کيس رضوان، عبدالله وڙائچ، سعادت نواز، ساجد ڀٽي ۽ خديجه عمر فاروقي جي حمايت حاصل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں