67

ڪراچي ۽ دادو ۾ مبينا پوليس مقابلا، 3 جوابدار مارجي ويا، هڪ هاف فراءِ

ڪراچي/دادو (رپورٽرز) ڪراچي ۽ دادو ۾ مبينا پوليس مقابلا، ڪراچي جي اورنگي ٽائون ساڍا 11 سيڪٽر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 3 جوابدار مارجي ويا، هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آھي جوابدارن جا لاش ۽ زخمي پوليس اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. دادو ۾ به مبينا پوليس مقابلو ٿيو، خدا آباد پوليس هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته  چنگلاڻي روڊ تي ڦورن سان مقابلي ۾ رهبر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل نوجوان جي امڙ جو چوڻ آهي ته پوليس ٻن پٽن رهبر ۽ عيدن کي رات اڍائي وڳي گرفتار ڪيو، پوليس  رهبر کي زخمي ۽ عيدن کي گم ڪري ڇڏيو  آهي، انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں