67

لاهور ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري

لاهور (رپورٽر) لاهور هاءِ ڪورٽ صوبائي گادي واري شهر ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ وڪيل کي هدايت وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏنا ته اهڙن معاملن تي عدالتن کي فيصلا نه ڏيڻ گهرجن، اسان اهڙن معاملن ۾ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، درخواست گذار ليسڪو ۽ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته شهر ۾ 12 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، ليسڪو چيف پنهنجون ذميواريون پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سان زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، عدالت ليسڪو چيف سميت ٻين ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں