71

سولر پينلز تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (رپورٽر) حڪومت شمسي توانائي لاءِ سولر پينل سستا ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ مختلف ٽيڪسن جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ ڪجهه رليف ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت شمسي توانائي لاءِ سولر پينلز تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي کي ختم ڪرڻ ۽ صارفين کي سولر پينلز جون آسان قسطون فراهم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي. توانائي واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته ايندڙ مالي سال کان مهيني ۾ 200 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ بجلي مهانگي نه ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں